سيد عبدالڪريم رضوي حڪيم

سيد عبدالڪريم رضوي، حڪيم: سيد عبدالڪريم رضوي، ڪلهوڙن جي دؤر جو نامور طبيب ٿي گذريو آهي. سندن مقبوليت کان متاثر ٿي ميان نور محمد ڪلهوڙي 1167هه/1753ع ۾ کيس درٻار ۾ وڏي منصب تي مقرر ڪيو. حڪيم الحڪماءِ، حڪيم عبدالفتاح گيلاني هندستان وارو سندس استاد هو. حڪيم عبدالڪريم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ درٻار کان الڳ ٿي پنهنجو مطب کوليو، جتي علاج سان گڏ طبي تصنيفن جو سلسلو به هلائيندو رهيو. سندس تصنيفن مان ’جامع المنافع‘ نالي هڪ قلمي بياض پير جهنڊي جي تاريخي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. هن بياض ۾ سنڌ جي عالمن، حڪيمن، بزرگن، بادشاهن توڙي اميرن وزيرن جا سوين طبي نسخا نقل ٿيل آهن. سيد عبدالڪريم رضويءَ جي هڪ بياض جو قلمي نسخو نامور شاعر ۽ حڪيم نياز همايونيءَ کي هٿ آيو، جيڪو هن سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي حوالي ڪيو هو. سيد عبدالڪريم جي شاگردن مان حڪيم محمد بکري مشهور حڪيم ٿي گذريو آهي. سيد عبدالڪريم رضويءَ جو ذڪر علي شير قانع جي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ سميت پير حسام الدين راشديءَ جي مختلف ڪتابن ۾ ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو